حق اليقين

حق اليقين

حق اليقين

حق اليقين (ڪتاب): اسلامي تاريخ جي موضوع تي لکيل هن ڪتاب جو ليکڪ علامه سيد محمد باقر مجلسي آهي، جنهن هيءُ ڪتاب فيبروري 1698ع ۾ لکي پورو ڪيو. مصنف هن ڪتاب کي مختلف بابن ۾ ورهايو آهي. پهرين باب ۾ ڏهه فصل آهن جيڪي خداوند عالم جي صفتن بابت آهن. ٻئي باب ۾ صفات سلبيه، باب ٽئين ۾ افعال خدا، چوٿين باب ۾ ’نبوت حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جو احوال‘ ۽ پنجين باب ۾ امامت تي تفصيلي بحث آهي. ڇهين باب ۾ موت، قيامت، عالم برزخ، قبر، ميزان، جنت ۽ دوزخ جي ورهاست ۽ ان جي حقيقت وغيره جو تفصيل لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ اصحابين پاران اسلام خاطر سٺل مصيبتن جو ذڪر موجود آهي. هن ڪتاب جي لکجڻ کان پوءِ شاهه حسين صفوي هن ڪتاب جا ڪيترا نسخا تيار ڪرائي ايشيا جي سڀني اسلامي رياستن کي ڏنا. هن ڪتاب جا سوين قلمي نسخا ايران جي ڪتب خانن، ايشيا جي مختلف ڪتب خانن سان گڏ لنڊن ۽ انڊيا ۾ موجود آهن. ٽالپرن جي ڪتب خاني ۾ هن ڪتاب جا ٻه قلمي نسخا ۽ سچل سرمست لائبريري ۾ به هن جو هڪ نسخو موجود آهي. هيءُ ڪتاب مدرسن جي ڪورس ۾ لازمي پڙهايو وڃي ٿو. ويجهڙائيءَ ۾ هن ڪتاب جا ڪيترا ئي ڇاپا ايران مان به شايع ٿي چڪا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو